حرباب لڪ

حرباب لڪ: ضلعي دادو، تعلقي جوهيءَ ۾ واقع هيءُ جابلو لڪ، گورک جبل جي اتر ۾ آهي. هيءُ لڪ اهميت جي لحاظ کان خيبر، بولان ۽ مولهه لڪن جيتري اهميت رکي ٿو. هن لڪ مان گھوڙن ۽ اُٺن تي سفر ڪري بلوچستان ڏي وڃي سگهجي ٿو. ڪنهن زماني ۾ هيءُ لڪ سنڌو ماٿريءَ کي بلوچستان سان ڳنڍيندو هو. اڄ به لاڏائو قبيلي جا ماڻهو ڪڻڪ جي لابارن جي مند ۾ هن لڪ کان ٿيندا سنڌ ۾ ايندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو